SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي سياسي معيشيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي سياسي معيشيت

International Political Economy IPE

انٽرنيشنل پوليٽيڪل ايڪانومي

معاشيات جو عنصر بين الاقوامي سياست ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ ٻين ملڪن سان تعلقات جو جڏهن به تجزيو ڪيو ويندو آهي، ته ان ۾ سياسيات ۽ معاشيات جي پهلوئن کي سڀ کان پهريان جاچيو ويندو آهي. معاشي سرگرميون جڏهن بين الاقوامي سطح تي شروع ڪيون وينديون آهن، ته ان ۾ سياست جو عمل دخل لازمي ۽ اڻ ٽر هوندو آهي. ٻن ملڪن طرفان هڪٻئي سان وهنوار ۽ واپار تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو آهي، جڏهن ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت ان سلسلي ۾ ڳڻ ڳوت کان پوءِ ڪي واپاري يا ڪاروباري معاهدا ڪندي آهي ، اهو ئي سبب آهي جو بين الاقوامي لاڳاپن ۾ معاشيات ۽ سياسيات کي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم سمجهيو ويندو آهي. عالمي سياسيات ۾ بين الاقوامي سياسي معيشيت واري پهلوءَ کي اهميت ڏيڻ جو اصل مقصد جنگين وڙهڻ واري نفسيات تي بيٺل سياست کي ختم ڪري، پيداواري صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ تعميري جذبو پيدا ڪندڙ معاشي سرگرمين کي عالمي سياسي سرشتي ۾ اهم بنائڻ آهي. گڏيل قومن جي سهڪار سان قائم ٿيل عالمي واپاري تنظيم (I.T.O) يا ان قسم جي ٻين ادارن جي قيام کي ملندڙ ترجيح جو اصل سبب دُنيا ۾ هڪ اهڙي ماحول جو قيام آهي، جيڪو واپار جا معاملا به سياسي قيادت جي تدبر ذريعي حل ڪري سگهي. ”انٽرنيشنل پوليٽيڪل اڪنامي“ جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سياسي اڳواڻن ”ڀونءِ واد“ (Globalization) جي اصطلاح کي متعارف ڪرايو. ان اصطلاح ۾ ڇهه اهڙا نُڪتا ۽ پهلو ملن ٿا، جيڪي ”انٽرنيشنل پوليٽيڪل اڪنامي“ جا چند بنيادي حصا آهن. جن جي ترتيب هن طرح آهي: پئسو، ڄاڻ، پيداوار، معيشت، سفارتڪاري، ثقافت ۽ جاگرافي. اهي ڇهه ئي عنصر سڀ کان پهريان 1994ع ۾ ”رِويو آف انٽرنيشنل پوليٽڪل اڪنامي“ نالي رسالي ۾ ڏنا ويا جنهن کان اهي ”ڀونءِ واد“ جي بنيادي تصور ۾شامل ڪيا ويا. ڪيترن ماهرن ۽ عالمن پاران ”انٽرنيشنل پوليٽيڪل اڪنامي“ واري تصور جي ڪري، مُختلف ملڪن ۾ لڙائين جا خدشا به ظاهر ڪيا ويا آهن. ڪن دانشور حلقن طرفان اهو خيال ظاهر ڪيو ويو آهي، ته دُنيا ۾ پهريائين هٿيارن جي ذريعي طاقت جو استعمال ٿيندو هو، هاڻي ”گلوبلائيزيشن“ جي ذريعي معاشي جنگي ميدان سجايا ۽ سينگاريا ويندا ڇاڪاڻ ته دُنيا جو هر ملڪ پنهنجي معاشي حيثيت کي وڌ کان وڌ سگهارو ڪرڻ لاءِ وسيلن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن ڪري عالمي برادري ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال يقيني ٿي پوندي. ان تصور جي عملي صورت آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۽ مرڪزي ايشيا جي علائقن ۾ وڌندڙ فوجي مُداخلت ۽ واپاري سرگرمين منجهان اسان جي آڏو ڏينهون ڏينهن چٽي ٿي رهي آهي


Remember Me Also:

ڊڀري جو ڪمي هئڻ

بيڪار زمين جو مزدور هئڻ. مفت ۾ ڪمائيندڙ هئڻ ، بيگر ۾ هُئڻ ، دربدر ٿيڻ ، ڏتڙيل هئڻ ، نڌڻڪو هئڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal